ڄاهـو (ٻگهه)

ڄاهـو (ٻگهه)

ڄاهو (ٻگهه)

ڄاهـو (ٻگهه): 150 سينٽي ميٽر جسامت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هيءُ دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ٻگهه آهي. ان جون اکيون هيڊيون، پٺي سرمائي ناسي؛ ڪلها، مٿو ۽ هيٺيون جسم ناسي رنگ جو هوندو آهي، سندس ڳچيءَ تي مرمرين اڇا ڪارا لينگها ٿين ٿا ۽ ڳچيءَ وٽان کنڀن جي لڙي لڙڪندي رهي ٿي.
ڄاهو سانهه پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ کي اندر ڪري ڪلهي تي رکي گُج ڪڍي بي حـرڪـت بيـٺو هـونـدو آهي يـا وري هوريان هوريان پنڌ پيو ڪندو آهي. وڏين ڍنڍن، ڌٻڻين جي ڪنڌين تي نظر ايندو آهي. جڏهن لڳ جي مند نه هوندي اٿس تڏهن اڪثر اڪيلو يا جوڙيءَ ۾ نظر ايندو آهي. اڪثر روزانو ساڳئي هنڌ مڇيءَ جو شڪار ڪندو آهي. عام طور گهاٽي گاهه ۽ تـرنـدڙ پنـن ۾ شڪار لاءِ ويندو آهي ۽ پاڻي جهاڳيندو پيٽ تائين هليو ويندو آهي. شڪار تي حملي مهل جسم، مٿو ۽ گُڪ نڪتل ڳچي پاڻيءَ جي سطح تائين جهڪائيندو آهي. ڳچيءَ ۾ هڪ وڪڙ هوندو اٿس جيڪو هڪدم سڌو ٿي سگهندو آهي، ايئن منڍيءَ سان تکو حملو ڪندو آهي ۽ شڪار تيز چهنب ۾ ڦاسي پوندو آهي. مڇي، ڏيڏر، ننڍڙا مماليا، ڪِرڙانگ ۽ غير ڪرنگھيدار جانور کائي ويندو آهي. هن جو آواز تکو، ورجاءَ وارو ۽ چيخدار ھوندو آهي. اڏار هوريان ۽ ڳري اٿس، اُڏڻ دوران ٽنگون لڙڪيل هونديون اٿس. ھيءُ پکي وڻ يا زمين تي ٻوڙن ۾ آکيرو ٺاهيندا آهن، جيڪو ڪاٺين ۽ ڪانن جي ڍڳ تي مشتمل ٿئي ٿو. هيءُ آرام مهل هڪ ٽنگ تي بيهندو آهي.
ڄائيرو: پکيءَ جو هڪ قسم.


هن صفحي کي شيئر ڪريو